اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون محمد شهزاد ارباب، قومي اسيمبلي ميمبرن محمد يعقوب شيخ ۽ محسن داوڙ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزارت، واپ??ر، ڪسٽم، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستا??، پي آءِ اي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، هوم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ??ئا. اجلاس ۾ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ واپار جي معاملن تي خيان جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آه??، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ بارڊر مئنيجمينٽ جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي گذريل ٻن سالن کان پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ اضا??ي جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو. افغانستان ۾ پائيدار امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لازمي آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن تائين ??وا??گي واپار ۾ اضا??ي جا موقعا پيدا ٿيندا. پاڪ افغان واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملوزم آه??، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. پاڪ افغان لاڳاپن ۽ واپار جي حوالي سان معاملن تي ايوان ۾ بحث ڪرايو ويندو. اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي پاڪ افغان بارڊرز تي ڪنٽينرز جي اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪ افغان بارڊر تي سلو اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ دير جي ڪري واپارين کي واپاري سامان خراب ٿيڻ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. خيبرپختونخواهه جي هوم ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته ڪميتي جي هدايت تي چيف سيڪريٽري کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بس سروس جي بحالي لاءِ سمري موڪلي وئي آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج