اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ڪربلا واقعو الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏهاڙي تي پڪو ايمان آهي، بي مثال تقويٰ، الله جي راهه ۾ صبر ۽ قرآن مجيد ۾ بيان شهادت جي جذبي جو هڪ بهترين نمونو آهي جنهن کي قيامت ??ائ??ن ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن يوم عاشورا جي ??وقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو جيڪو حضرت امام حسين رضه جي عظيم قرباني جي ??اد ۾ 10 محرم الحرام تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي.
ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانين جي ??اد ڏياري ٿو ۽ جيڪي هنن حق ۽ سچ جي خاطر ڏنيون. هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي قرآني تعليم، برداشت، قرباني ۽ شهادت جي جذبي جو هڪ لازوال مثال آهن. اسد قيصر چيو ته مسلمان جي حيثيت سان اها سان جي گڏيل ذميداري آهي ته اسان انهن شيطاني قوتن جي سامهون ڄمي بيهون جيڪي پنهنجي ??اپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ انتشار پکڙي رهيون آهن، هن چيو ته ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان انسانيت جي ڀلائي ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي وقف ڪر?? ڇڏيون. هن يوم عاشورا جي ??رباني کي باطل جي خلاف ڏنل عظيم قرباني قرار ڏيندي چيو ته اها قرباني قيامت ??ائ??ن ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي.
ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته ڪربلا واقعو حق ۽ باطل قوتن جي ??چ ۾ پيش آيو اهو مسلمانن کي باطل قوتن جي خلاف بي خوف مقابلو ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته اهو ئي رستو آهي جنهن تي اسان جي ??ياري نبي حضرت محمد ﷺ عمل پيرا ٿيڻ جي تعليم ڏني جنهن تي هلي حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين لازوال قربانيون پيش ڪيون، هن چيو ته ڪربلا جو واقعو اهو درس ڏي ٿو ته ملڪ ۽ قوم کي جڏهن ته ڪا به م??ڪل??ت پيش اچي ته اسان کي ڪنهن ب?? قسم جي ??رباني کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي.