پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪيو ۽ نئ??ن تعمير ٿيندڙ آپريشن روم ۽ انتهائي ??گهداشت جي يونٽ جو افتتاح ڪيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ان جديد سهولتن جي افتتاح سان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جي مڪمل ٿيڻ جو حتمي مرحلو مڪمل ٿيو آهي. پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال 2015ع ۾ کولي وئي ??ئي، وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر جي قيام سان خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ اترين علائقن جي عوام کي هڪ ڇت هيٺ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج جون سموريون سهولتون ميسر اينديون. هن چيو ته لاهور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال 1994ع ۾ قائم ڪئي ??ئي ??ئي، ان وقت جي سمورن مريضن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۽ افغانستان مان علاج لاءِ لاهور ويندا هئا، جنهن جي ڪري اسان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتا?? قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو فراخدلي سان عطيا ڏيندا رهن ته جيئن ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ اهي ٻئي اسپتال مريضن جي تعداد ۾ اضافي جي باوجود انهن جو مفت علاج جاري رکي سگهن ۽ منصوبي موجب ڊسمبر 2023ع ۾ ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ ڪر??چي ۾ به نئ??ن اسپتال ڪم شروع ڪندي.
وزيراعظم پاران پشاور ۾ شوڪت خانم اسپتال جو دورو، نئين تعمير ٿيندڙ آپريشن روم ۽ انتهائي نگهداشت جي يونٽ جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج