اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم ??يد يوسف رضا گيلاني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نئين سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو ??يد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب مان مسلم ليگ (ق) جو ڪ??مل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف الله سرور خان ن??ازي، عون عباس، اعجاز احمد چوڌري، ??يد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افتان الله خان، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي ش??مل آهن. سنڌ مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سليم مانڊوي والا، شهربانو شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعوان، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، فاروق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خان، پي ٽي آءِ جو محمد فيصل واوڊا، سيف الله ابڙو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ??يد فيصل علي سبزواري ۽ خالده اطيب، خيبرپختونخواهه مان پي ٽي آءِ جو محسن عزيز، ??يد شبلي فراز، لياقت خان ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، محمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، عوامي نيشنل پارٽي جو هدايت الله خان ۽ جي يو آءِ (ف) جو عطاءُ الرحمان ش??مل آهن. بلوچستان مان بلوچستان عوامي پارٽي جو پرنس احمد عمر احمدزئي، منظور احمد، سرفراز احمد بگٽي، سعيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان ن??شنل پارٽي جو محمد قاسم، اي اين پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ (ف) جو مولانا ع??دا??غفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ ۽ آزاد اميدوار محمد ع??دا??قادر ۽ نسيمه احسان ش??مل آهن.
اليڪشن ڪميشن پاران 48 نئين چونڊيل سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ