اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر مشا??د الله خان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. سينيٽ ۾ سينيٽر مشا??د الله خان جي لاڏاڻي تي سينيٽ جي تعزيتي سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي لاڏاڻي تي سڀني کي ڏک آهي، هي ايوان هڪ خاندان وانگر آهي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ايوان جي ڪارروائي ۾ پنهنجي شرڪت ريعي متحرڪ ۽ فعال رهيو هجي ته ان جي کوٽ تمام ??هڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تمام ??هڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کيس شعر ۽ شاعري سان وڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي فراز چيو ته زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو اسان جو اخلاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل