اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ (اڳوڻي فاٽا) ضم ٿيل علائقن ۾ ترقي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اج??اس منعقد ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب اج??اس ۾ منصوبابندي واري وف??قي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خيبرپختونخوا جي ناڻي واري وزير تيمور سيلم جهڳڙا، پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اج??اس کانپوءِ وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اج??اس ۾ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا جي عوام سندس دل جي ويجهو آهي ۽ فاٽا جي جلد کان جلد ترقي چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ 2018ع جي معاهدي ??حت وف??ق جو حصو طئي ٿيو هو اهو حڪومت جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو باقي لوازمات آهن ان لاءِ ناڻي واري صلاحڪار جي ماتحت ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا باقي صوبن سان ڪوآرڊينيٽ ڪري انهن فنڊن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي ??نهن سان فاٽا جي ترقياتي منصوبا شروع ٿي سگهندا ۽ فاٽا جي عوام جنهن دهشتگردي ??ي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ سدائين ان لاءِ قربانيون ڏيندا رهندا آهن اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، وزيراعظم فاٽا جي علائقن جي ترقي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ مالي سال ۾ سمورا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.
وزيراعظم جي صدارت ۾ فاٽا علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون