نيويارڪ – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پنس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا جي نمائندن موجب ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان خطي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي خلاف تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه نقصان کنيو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ??ال??ي اتحاد جو حصو آهي، هن چيو ته آمريڪا سان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻين م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ چاهيون ٿا. ان موقعي تي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي آمد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی