اوٽاوا-30 آڪتوبر (اي پي پي )ڪينيڊا جي حڪومت چيو آهي ته ڀارتي گهرو وزير اميت شا??ه ڪينيڊا ۾ سک علحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي. اها ڳالهه ڪينيڊا جي نائب پرڏيهي وزير ڊيوڊ موريسن قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ڀارتي گهرو وزير اميت شا??ه ڪينيڊين سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ لاءِ انٽيليجنس ڪارروائين جو حڪم ڏنو هيو. هن انهن ڪاروائين ۾ اميت شا??ه جي مبينه ڪرد??ر جي تصديق ڪئي جنهن جي باري ۾ ڊيوڊ موريسن جي دعويٰ آهي ته ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي ڪارڪنن کي ڌمڪائڻ جي مهم جو حصو هيو. واشنگٽن پوسٽ ڪينيڊين اڳواڻن جي حوالي سان ٻڌايو ته اميت شا??ه اهي ڪوششون سک عليحدگي پسند?? خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي حصي طور ڪيون آ??ن. ڪينيڊا هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ اندر سک عليحدگي پسند تحريڪن کي دٻائڻ جي سرگرمين ۾ مبينه طور ملوث ٿيڻ جي رد عمل ۾ 6 ڀارتي سفارت ڪارن کي ملڪ بدر ڪيو هيو جڏهن ته ڀارت انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. ڪينيڊا کانپوءِ آمريڪا به ڀارت تي اهڙا الزام لڳايا آهن. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ آمريڪاجي انصاف واري اداري ڀارتي انٽيليجنس آفيسر وڪاس يادو تي قتل لاءِ رقم ڏيڻ جو الزام لڳايو ، جنهن موجب هن نيويارڪ سٽي ۾ سک عليدگي پسند اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون، جيڪو ٻٽي شهرت يعني آمريڪي ڪينيڊين شهري کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي هئي . ايف بي آئي آمريڪي شهري?? خلاف جوابي ڪارروائي جي خدشن جو حوالو ڏيندي تنبيهه به جاري ڪئي آهي. ڀارت هاڻي تائين آ??ريڪي الزامن تي عوامي تبصري کان پاسو ڪيو آهي.
ڀارتي گهرو وزير سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي: ڪينيڊا
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ