نيويارڪ -24 سيپٽمبر (اي پي پي) جي سيون جي ميمبر ملڪن خبردار ڪيو آهي، ته ??چ اوڀر ۾ وڌيڪ جارحيت ڪنهن به ملڪ لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ جي سيون گروپ جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گڏيل بيان ۾ چيو ته ??چ اوڀر ۾ وڌيڪ جارحيت سان ڪنهن به ملڪ کي فائدو نه ٿيندو، انهن ??دم?? ۽ جوابي رد عمل جي نتيجي ۾ تشدد جو خطرو وڌي سگهي ٿو ۽ پوري وچ اوڀر کي هڪ وسيع علائقائي تڪرار ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، جنهن جا تباهي آڻيندڙ نتيجن جو تصور ڪري سگهجي ٿو. بيان ۾ زور ڀريو ويو ته تازي تباهي کي روڪيو وڃي. ان کان پهرين گذريل ڏينهن لبنان جي مختلف علائقن ۾ حزب الله جي هدفن تي ڪيترن ئي اسرائيلي هوائي حملن سبب اٽڪل 500 ماڻهو مارجي ويا هئا جن ۾ 35 ٻارڙا به شامل هئا. لبنان جي اختيارين مطابق بمباري ۾ 1700 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتريش لبنان جي ڏکڻ ۽ اوڀر حصي ۾ شهرين جي وڏي جاني ۽ مالي نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. چين جي پرڏيهي وزير وانگ ي?? پنهنجي لبناني هم منصب عبدالله بو حبيب کي چيو آهي، ته ??بنان جي امن ۽ خودمختيا??ي جي حوالي سان چين سندن حمايت ڪري ٿو ۽ وسيع پئماني تي اسرائيلي فضائي حملن کان پوءِ ان ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪري ٿو.
وچ اوڀر ۾ وڌيڪ جارحيت ڪنهن به ملڪ لاءِ لاڀائتي ثابت نه ٿيندي: جي-سيون جا ميمبر ملڪ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات