رياض-27 آگسٽ (اي پي پي )سعودي ??رب ۾ آمريڪي سفير مائيڪل رتني چيو آهي ته مملڪت سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سعودي ??رب ۽ آمريڪا ڪيترن ئي معاهدن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ اسٽريٽجڪ ??راڪتداري ۽ فوجي معاهدن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ سعودي ??رب ۽ اسرائيل وچ ۾ ناتن کي معمول تي آڻڻ ۽ اقتصادي ناتن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي، جيڪي آزاد فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابل اعتماد راهه طرف وٺي ويندا. آمريڪي سفير چيو ته اسان ان معاهدي ??ي ڪيترن ئي اهم نقطن جي انتهائي ويجهو اچي چڪا آهيون ۽ اهو ضروري آهي ته اسان ان کي گڏجي حتمي شڪ?? ڏيون، اهو آمريڪا ۽ سعودي ??رب وچ ۾ هڪ تاريخ ساز معاهدو هوندو. جيتوڻيڪ مائيڪل رتني معاهدن جي پيڪيج کي قطعي شڪ?? ڏيڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ٽائيم فريم جو ذڪر ناهي ڪيو، پر هن ان جي جلد پڄاڻي جي خواهش جو اظهار ڪيو . آمريڪي سفير چيو ته اسان هڪ پيچيده خطي ۾ آهيون ۽ معاهدي ۾ به ڪيتريون ئي پيچ??دگ??ون آهن پر اسان جلد ان کي مڪمل ڪنداسين.
سعودي عرب سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری