اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنه??جي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي. وزيراعظم پنه??جي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قوم جي احساسن ۽ جذبن جي ??رپور ترجماني ڪندي قرآن ڪريم جي تقدس جي لاءِ پنه??جي پڪي ??زم جو اظهار ڪندو ۽ سوئيڊن سميت سڄي دنيا تي زور ڏيندو ته اسلام سميت س??ني مذهبن، مقدس هستين ۽ عقيدن جو احترام ڪيو وڃي. ناموس قرآن اسان جي ايمان جو حصو آهي. سوئيڊن سميت سڄي دنيا ۾ ڪٿي به قرآن جي بي حرمتي ڪنهن به مسلمان کي برداشت نه آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جا سڀئي امن پسند، مذهبي قومون ۽ عالمي ادارا مسلمانن جي دل ڏکائڻ، انهن جي لاءِ مقدس، علامتن جي خلاف نفرت پکيڙڻ، اسلامو فوبيا جا واقعا روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. دنيا کي شيطان صفت ڪردارن جي حوالي ڪرڻ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. دنيا کي بي امني، نفرت ۽ انتشار جي جهنم ۾ ڌڪڻ کان روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ئي پيغام ڏيڻ جي لاءِ سڀاڻي (جمعي ڏينهن 7 جولا) تي قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج به ٿيندو. ريليون ڪڍيون وينديون، هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنه??جي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي.
وزيراعظم پاران جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل، هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک