اسلام آباد – 27 – ا??ري?? (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي وز??راعظم لي چيانگ سان هن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سي پيڪ سميت پاڪستان ۽ چين جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته هن چين جي وز??راعظم لي چيانگ سان ٽيليفون تي ٺوس ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چين جي قدمن کي ساراهي ٿو. وز??راعظم چيو ته هن چين جي بنيادي معاملن تي ان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو آهي. وز??راعظم چيو ته اسان سي پيڪ سميت پاڪ چين قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ مون کي يقين آهي ته چين جديديت طرف اڳڀرائي جاري رکندو.
چين جي وزيراعظم سان گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں