اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻاهر ??حا??ين سان پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ کي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پوليس جو ??حا??ين تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آهي، ??حا??ين سان معذرت ڪريان ??ي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سان معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي، گهرو وزير کي درخواست ڪئي آهي ته ??حا??ين سان ان واقعي تي معذرت ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تما??ائ?? ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ روڪڻ بدران ميڊيا کي نشانو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه ??حا??ي کائين، ائين نه هلندو. هن چيو ته پيشيواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ ??حا??ين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي. ??حا??ي هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، ??حا??ين جو احترام ۽ انهن کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے