رحيم يار خان – 25 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب، پنجاب جو نگران و??و وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارا?? جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهم?? جي حوالي سان ڀر??ور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.
گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں