اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شا??يره شا??د چيو آهي ته ميڊيا ملڪ کي درپيش چئلينج?? جي حوالي سان موثر ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد ??ڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سينٽر?? جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينج?? جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد ??ڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان ورڪشاپ جو مقصد ميڊيا جي نمائندن کي رياست جي مفادن بابت آگھاهي ۽ موقف فراهم ڪرڻ آهي ڇو ته موجوده دور ۾ خبرن جي صداقت ۽ جعلي خبرون وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ميڊا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ ان جو ملڪ کي درپيش چئلينج?? جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته ??ڄي ملڪ ۾ اسلام آباد سميت 7 مرڪزن ۾ صحافين جي لاءِ پاڪستان انفارميشن سينٽرز ۾ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ پاڪستان انفارميشن سينٽر?? جي ڊائريڪٽر محمد صغير احمد پاڪستان انفارميشن سينٽر?? جي اهتمام هيٺ جاري ورڪشاپس ۽ پي آئي سي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي ??ڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحافين کي تربيت فراهم ڪئي وئي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران هلندڙ مهيني 7 شهرن ۾ اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن.
ميڊيا ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان موثر ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری