اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز پاران اشتعال انگيز فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اميد ظاهر ڪئي ته واقعي ۾ مل??ث ماڻهن جي خلاف افغان حڪومت پاران سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سرحد جي ٻنهي طرفن شهري آبادي جو تحفظ ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي. صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ ??فسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ ??عا ڪئي ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم