اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور هاء?? ڪورٽ ۾ 11 ججن جي مقرري ۽ مستقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر لاهور هاء?? ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز ??ي بطور ججز مقرري ۽ مستقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر جسٽس شڪيل احمد، صفدر سليم شاهد ۽ احمد نديم ارشد، جسٽس محمد طارق نديم، محمد امجد رفق ۽ عابد حسين چٺا، جسٽس انوار حسين ۽ علي ضياءَ جي پڻ لاهور هاء?? ڪورٽ، جسٽس سلطان تنوير احمد، محمد رضا قريشي ۽ راحيل ڪامران جي مستقلي ۽ مقرري جي منظوري ڏني. صدر مقرري ۽ مستقلي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي. اهي منظوريون جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ ڏنيون ويون. ??ان??ن ۽ انصاف واري وفاقي وزارت انهن ججز ??ي مقرري ۽ مستقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino