اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) جتي هاڻوڪي سانوڻي جي برساتن ۽ قومي سطح تي ٻوڏ جي اُڀرندڙ صورتحال انسانيت کي بچائڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، اتي پاڪ فضائيه جي اهلڪارن شانه بشانه پاڪ فضائيه جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شا??ردن پڻ ٻوڏ متاثر عل??ئق?? جي پريشان ??ال ٻارن ۾ خوشيون ورهائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت جاري امداد ڪاررواين ۾ حصو ورتو. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جي شا??ردن آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ چاڪليٽ، مٺايون ۽ اسٽيشنريءَ جو سامان ??ريد ڪيو ۽ـ ان مقصد لاءِ انفرادي طور تي عطيا گڏ ڪيا. ٻوڏ متاثرن عل??ئق?? جي ٻارن ۾ روزمره استعمال تي ٻڌل شين جا 17 هزار کان وڌيڪ پئڪيٽ ورهايا ويا، جنهن سان متاثر ٻارن جي چهرن تي مُسڪراهٽ واپس اچي وئي. پاڪ فضائيه طرفان ??هي ڪوششون ان ڳالهه جي عڪاسي آهن ته پاڪ فضائيه قوم جي سڏ ڪرڻ تي هميشه لبيڪ چيو ۽ اهو ته پاڪ فضائيه قدرتي آفتن ۽ حادثن سبب متاثر ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ امدادي سرگرميون منعقد ڪرڻ ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي.
پاڪ فضائيه پاران اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے