اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور ت?? تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالديپ ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر وائس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سفير خاص طور ت?? مالديپ سان واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن، صحت، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي صنعت ۾ تعاون جي امڪانن ک?? اجاگر ڪيو ۽ چيو ته مالديپ عالمي معيار جي سياحتي جڳهه آهي ۽ پاڪستان ان جي مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مالديپ جي شاگردن ک?? مختلف تعليمي شعبن ۾ چٽاڀيٽي ۽ اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي فاصلاتي تعليم ۽ هائبرڊ لرننگ ۽ تعليمي مهارت پيش ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئون مقرر ٿيندڙ هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ ??و آءِ سي، سارڪ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ جي اندر تعاون جي فروغ لاءِ سمورا دستياب سفارتي طريقيڪار بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل ڪاروباري ڪائونسلن جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن ک?? وڌائڻ جي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪندو. صدر سفير کي مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح کي پنهنجي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو.
پاڪستان ۽ مالديپ ۾ تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب