ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچ?? جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرر?? جي عمل کي تيز ڪ??و وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽ?? جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽ?? جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي س?? جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽ?? جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي مقرري ۽ يونيورسٽ?? جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽ?? جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ ??ي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪ??و ويو جيڪو مستقل وائيس چانسلر جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي س?? جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يونيورسٽ?? جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرر?? جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪ??و ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چانسلر جي مقرر?? جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪ??و ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ