اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ??اڪ??تان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم مح??د شهباز ش??يف?? منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيڪريٽري جنرل چيو ته ??اڪ??تان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري کي ??اڪ??تان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، اهو منهنجي دل جي ويجهو آهي. ??اڪ??تان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. دهشتگردي جي ڪري ??اڪ??تان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. هن چيو ته هو عالمي برادري کي ان مشڪل صورتحال ۾ ??اڪ??تان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول ??اڪ??تان جي هٿياربند فوج متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، انهن کي مح??وظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ سان ??اڪ??تان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. اسان جي آڏو تمام وڏو چئلينج آهي. هن مشڪل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ??اڪ??تان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سيڪريٽري جنرل کي ان مقوعي تي ??اڪ??تان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ هڪومت پاران متاثرين جي مدد جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي: انتونيو گوتيرس
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena