اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ مت??ثرن جي امداد ڪرڻ جيڪا پهرين ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم مت??ثرن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، خاص طور تي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر جي اجلاس م ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻ??ڏ بابت امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ مت??ثر علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌري?? شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ مت??ثرن جي امداد ڪرڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صح?? واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ طبي امداد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ آءِ اين جي اوز ۽ اين جي اوز کي شامل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي.
حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺل آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará