اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌندڙ فرق کي ڀڻ جي لاءِ هنرمند انساني وس??لن جي انگ ۾ تيزي سان اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج مري جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته شاگرد بهتر فيصلاسازي جي لاءِ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪن، شاگرد پنهنجي لاءِ علم جا دروازا سڄي زندگي کليل رکن، شاگرد ماضي جي ت??ربن سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي ذريعي آساني سان دستياب علم مان فائدو کڻن. هن چيو ته نوجوانن کي غلط معلومات، فيڪ نيوز ۽ صحيح خبرن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگرد رسول الله ??? ج?? سيرت طيبه ۽ ڪامياب ماڻهن جي ت??ربن جي روشني ۾ فيصلاسازي ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم تحريڪ آزادي ۾ شاگردن جي ڪردار کي خاص اهميت ڏيندو هو، بطور صدر پاڪستان عورتن جي ملڪيتي حقن جي ت??فظ، خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ قومي اهميت جي سمورن شعبن ۾ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته قدرتي وس??لن سان گڏوگڏ هنرمند انساني وسيلا قومن جي پائيدار ۽ تيز رفتار ??رق?? جا لازم جز آهن، هنرمند انساني وس??لن جي غيرموجودگي ۾ قدرتي وس??لن مان فائدو نه ٿو کڻي سگهجي. هن چيو ته تعليمي ادارا شاگرد ۽ علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن، تعليمي ادارا قدرتي وس??لن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قابل ۽ هنرمند پيشيواراڻي ماڻهن جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائين.
تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری