اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته انفارميشن ??يڪنالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائ??زي??ن ڪيو پيو وڃ??، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گوگل ماهرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽيڪ ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پارليامينٽ جي ڊجيٽلائ??زي??ن بابت معاملن کي غ??ر هيٺ آندو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته قومي اسيمبلي جي ڊجيٽلائ??زي??ن سان ميمبرن ۽ اسٽاف جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ڊجيٽلائ??زي??ن سان اسيمبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ گوگل آفيس متعارف ڪرائن سان ڏکڻ ايشيا جي پهرين پيپر ليس پارليامينٽ ٺهي ويندي، ڊجيٽلائ??زي??ن ۽ گوگل آفيس پارليامينٽ جي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ڊجيٽلائ??زي??ن جي منظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، هن چيو ته انفارميشن ??يڪنالاجي دنيا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇڏيو، انفارميشن ??يڪنالاجي جي استعمال سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ان موقعي تي سي اي او ٽيڪ ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃ??، ٽيڪ ويلي پارليامينٽ جي ڊجيٽلائ??زي??ن جيڪا گوگل پارٽنر آهي، قومي اسيمبلي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊجيٽلائ??زي??ن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آهي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت