اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي ج?? مذمت ڪندي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انس??ني?? ٻنهي جا دشمن آهن، انس??ني?? جي دشمنن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي ان ناقابل تلافي نقصان کي ب??دا??ت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا