لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، پورو معاشرو ان جنگ ۾ وز??راعظم جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر حڪومت جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ کان اڳ پنهنجا ماڻهو ته پورا ڪري وٺي، هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي مفاد جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن، قانون جو مذاق اڏائيندڙن جي خلاف جڏهن ڪا ڪارروائي شروع ٿئي ٿي ته اه?? التوا جي پٺيان لڪي وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سڄي ملڪ مان آيل پي ايف يو جي جي ميمبرن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر اعظم چوڌري ۽ ٻ??ن صحافين جو انگ پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پنهنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، رمضان شگر ملز جي 10 کان 15 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ ملازمن جي اڪائونٽس ۾ اربين رپيا ڪٿان اچي وڃن ٿا، جڏهن سوال پڇيو وڃي ته اه?? التوا جي پٺيان لڪي وڃن ٿا، ڪڏهن قطري خط اچي وڃي ٿو، ڪڏهن جسٽس (ر) قيوم جهڙا جج ڳولڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته جڏهن سڄو خاندان چوري ڪري ٻاهر هليو وڃي ته انهن کي جواب ته ڏيڻو پوندو. شهباز زرداري ملاقات جي حوالي سان مملڪتي وز??ر چيو ته زرداري شهباز شريف ملاقات رڳو پنهنجي مفادن جي لاءِ آهي، شهباز شريف ماضي ۾ زرداري کي رستن تي گهيلڻ جي ڳالهه ڪندو هو هاڻي اه?? قانون جو مذاق اڏائڻ جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن. چوڌري ڀائرن سان اپوزيشن جي ملاقاتن جي حوالي سان فرخ حبيب چيو ته اه?? اتان روٽي شوٽي کائين، ملاقات ڪرڻ ۾ اه?? آزاد آهن جڏهن ته حڪومت کي پنهنجي اتحادين کان ڪو خطرو نه آهي. ميڊيا جي آزادي جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، حڪومت صحافين جي سمورين تنظيمن سان گڏجي جرنلسٽ ميڊيا پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرائي ورتو آهي، قانون ٺهڻ تي منسٽري آف هيومن رائٽس ان تي ڪم ڪري رهي آهي ان تي ڪميشن پڻ ٺاهيو ويندو جنهن ۾ صحافين جي نمائندن کي شامل ڪنداسين ته جيئن صحافين کي پنهنجون ذميواريون سازگار ماحول ۾ انجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا جي صحافين وٽ پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي صحافين کي به آءِ ٽي اين اي تائين پهچ ڏيون. هن چيو ته آءِ ٽي اين اي 10 هزار کان وڌيڪ ڪيسز مان 7 هزار جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ٽي اين اي جو سيٽ اپ اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به قائم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وز??ر چيو ته آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين جي مقرري هڪ هفتي جي اندر ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافين کي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي، ڊس انفارميشن ڄاڻي واڻي ڪئي وڃي ٿي، ذاتي ڪردارڪشيءَ ڪندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صحافي پنهنجي صفن ۾ لڪل انهن ڪارين رڍن جو گهيراءُ ڪن جيڪي ڊس انفارميشن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وز??راعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، ڪرپشن جي ناسور جي خلاف پوري قوم وز??راعظم جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. هن صحافين کي مخاطب ڪندي چيو ته اه?? حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي تي مثبت تنقيد ڪن اسان کليل دل سان ان کي تسليم ڪنداسين. هن چيو ته صحت ڪارڊ عوام جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، اه?? 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪنهن به سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتال مان ڪرائي سگهن ٿا. هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه کي چيو ته اه?? سنڌ جي عوام کي به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪن. مملڪتي وز??ر چيو ته صحافين کي صحت ڪارڊ ڏيڻ کانسواءِ ڪامياب جوان پروگرام ۾ پڻ شامل ڪنداسين، پاڪستان ڪامياب پروگرام پڻ اچي رهيو آهي، ان ۾ به صحافين کي آسان شرطن تي قرض ڏن?? ويندا. تقريب ۾ بلوچستان مان آيل صحافين مملڪتي وز??ر کي بلوچي ثقافت جي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي.
وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، پورو معاشرو ان جنگ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis