اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته ماضي ۾ نوجوانن جا سياسي رشوت جا پروگرام شروع ڪيا ويا، نواز شريف ۽ شهباز شريف ذاتي تشهير ڪندا هئا، عثمان ڊار جا ??ور??ئتا آ??يون جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامز مان ڪڍيو، 40 ارب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪيا ويا آ??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ (ن) ليگ نوجوانن جي نالي تي جيڪي پروگرامز شروع ڪيا اهي رڳو پنهنجي ذات جي لاءِ هئا، انهن ته پرائيم منسٽر لون پروگرام جو سربراهه به مريم نواز کي بڻايو هو. مملڪتي وزير چيو ته (ن) ليگ ان پروگرام تحت رڳو 26 ارب رپيا ورهايا، اسان رڳو ڪامياب جوان پروگرام جو هدف 50 ارب رپين تائين وڌائينداسين. مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ نوجوانن جي لاءِ سياسي رشوت جا جيڪي پروگرام شروع ڪيا ويا انهن سان نوجوانن جو ڪو فائدو نه ٿيو. رڳو نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ذاتي تشهير ٿي. هن چيو ته آئون عثمان ڊار جو ??ور??ئتو آهيان جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامن مان ڪڍيو، ڪامياب جوان پروگرام ۾ شفاف نظام متعارف ڪرايو. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ هڪ ٺوس پروگرام کڻي آياسين جنهن جا ثمر حاصل ٿيڻ شروع ٿي ويا آ??ن. هن چيو ته بئنڪن کي نوجوانن کي قرض فر??هم ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪيو. فر?? حبيب چيو ته گذريل دورن ۾ شروع ڪيل پروگرامن سان ملڪي معيشت ڪمزور ٿي، نوجوانن جو تمام وڏو حصو نوڪرين جي ڳولا ۾ رهيو. ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته 40 ارب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪيا ويا آ??ن، 30 ارب رپين جي منظور ڪيل قرضن مان 22 هزار نوان ڪاروبار شروع ڪيا ويا آ??ن. مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ۾ اسٽارٽ اپس کي پروموٽ ڪيو ويو آهي، جن وٽ وسيلن جي کوٽ هئي هاڻي اهي ان پروگرام مان فائدو کڻي پنهنجي ۽ ٻين جي روزگار جو وسيلو بڻجي رهيا آ??ن. هن چيو ته پروگرام تحت پهرين مرحلي ۾ 10 لک رپين تائين قرض بنا گارنٽي جي حاصل ڪري سگهجي ٿو. فر?? حبيب چيو ته 30 ارب رپين مان 12 ارب رپيا اسٽارٽ اپس ۾ فر??هم ڪيا ويا، ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن به وڌي چڙهي حصو ورتو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان شفافيت تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته 3 هزار ڪاروبار سنڌ ۾ به شروع ڪيا ويا ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۾ قرض سياسي بنيادن تي نه پر ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکي ڏنا ويا آ??ن. هن چيو ته 30 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت ورهايا ويا آ??ن ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار نوڪريون ڏنيون ويون آهن. فر?? حبيب چيو ته ”هنر سڀني جي لاءِ“ پروگرام جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آ??ن جنهن مان 25 هزار نوجوان فائدو کڻي چڪا آ??ن. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽس جو ٽارگيٽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر آهي. نوجوانن کي مختلف سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ايڇ اي سي سان گڏجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. فر?? حبيب چيو ته پوري ملڪ ۾ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام اڃا به جاري آهي.
ماضي ۾ نوجوانن جا سياسي رشوت جا پروگرام شروع ڪيا ويا، نواز شريف ۽ شهباز شريف ذاتي تشهير ڪندا هئا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی