اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، مقامي سطح تي راندين ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نيشنل ا??پو??ٽس پاليسي ۽ پاڪستان ا??پو??ٽس بورڊ ??ي انتظامي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ا??پو??ٽس بورڊ ??يگيوليٽر طور تي ڪم ڪن??و، پاڪستان ا??پو??ٽس بورڊ نوجوانن کي راندين جي معياري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ راندين ۾ نوجوانن جي شرڪت وڌڻ سان راندين جو معيار بهتر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ دنيا جو هر ميدان فتح ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اجلاس کي پاڪستان ا??پو??ٽس بورڊ ??ي انتظامي ڍانچي، نيشنل ا??پو??ٽس پاليسي، ان حوالي سان صوبن سان مشاورت ۽ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ا??پو??ٽس بورڊ ??و آئيني مسودو تيار آهي جنهن تحت بورڊ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن جي انگ کي محدود رکيو ويو آهي. بريفنگ دوران چيو ويو ته بورڊ ??ي اختيارن ۽ ذميوارين جو تعين ڪن??ي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ مثبت مقابلي جو ماحول قائم ڪرڻ جو خاص خيال رکيو ويو آهي. آئين تحت اداري جو نئون انتظامي ڍانچو پڻ تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته نئون آئيني مسودو پڻ سي سي ايل سي کا?? منظور ٿي چڪو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مختلف راندين جي فيڊريشنز جي لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ رجسٽريشن، اليڪشن جو طريقيڪار، ماڊل ڪانسٽي ٽيوشن، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ نيشنل اينٽي ڊوپنگ آرگنائيزيشن آف پاڪستان شامل آهن. بريفنگ دورا?? اجلاس جي شرڪت ڪن??ڙن کي صوبن سان نيشنل ا??پو??ٽس پاليسي جي تياري جي حوالي سان مشاورت بابت پڻ ٻڌايو ويو. صوبن سان تعاون ۽ رابطا وڌائي سڄي ملڪ ۾ راندين جون سرگرميون وڌايون وينديون. صوبا مقامي سطح تي راندين جي فروغ ۽ ڪلبز ۽ ايسوسيئيشنز کي سهولت فراهم ڪن??ا، ان کا??سواءِ مقامي سطح تي صوبن پاران اهم راندين تي ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو ويندو. اجلاس کي وڏن شهرن ۾ هاڪي ٽرف جي حوالي سان پڻ ٻڌايو ويو. اسلام آباد ۾ ان تي ڪم مڪمل آهي جڏهن ته واهه ڪينٽ، فيصل آباد، ڪوئيٽا، پشاور، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم عمران خان جاري منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، چئني صوبن جي راندين وارن وزيرن، پاڪستان ا??پو??ٽس بورڊ ??ي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خا?? اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.
نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo