اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ??ين??ي مقرر ڪيل مدي ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولتن جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم عمران خان سان غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وز??راعظم کي نئين ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
وز??راعظم هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان مثال قائم ڪري رهي آهي، ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان سرندي وارا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ان ڪم ۾ حڪومت سان ڪل??و ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندا. هن چيو ته حڪومت پناهگاهن جي اسٽاف کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪري رهي آهي، پناهگاهن سان احسان ون ونڊو سينٽر بابت مستحق ماڻهن کي سهولتن تائين آسان پهچ ممڪن ٿي سگهندي. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، هر پناهگاهه جي لاءِ 4 رڪني انتظامي بورڊ به جلد جوڙيو و??ند??، ايندڙ هڪ هفتي ۾ هر پناهگاهه لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم به جاري ڪيو و??ند??. 4 پناهگاهن جي لاءِ مخصوص عمارتن جي تعمير جي سلسلي ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پناهگاهن جي تعمير جو ڪم هڪ سال جي مدي ۾ مڪمل ڪيو و??ند??. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ون ونڊو سينٽر، مزدورن جي لاءِ ”ڪيش فار ورڪ“ پروگرام ۽ پناهگاهن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمرشل حصي جي تعمير ماڊل پناهگاهن ۾ شامل هوندي، موجوده پناهگاهن ۾ تعميراتي ڍانچي جي مرمت جو ڪم به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ڊجيٽل ڊونيشن مينيجمينٽ سسٽم به هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو و??ند??. ملاقات ۾ بيت المال جو ايم ڊي ملڪ ظهير عباس کوکر به شريڪ هو.