ڪراچي – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? سامونڊي آلودگي ۾ گهٽتائي بحري شعبي جي پائيداري لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان موثر ڪوش??ون ڪري رهيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي ت?? منعقد سيمينار کي اسلام آباد مان وڊيو لنڪ جي ??ريعي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام ميري ٽائيم معاملن جي وزارت مقامي هوٽل ۾ ڪيو هو، ص??ر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن سان مالا مال آهي ان جون بندرگاهون ۽ شپ يارڊ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
صدر چيو ته بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد ع??ي حيدر زيدي پاڪستان جي ??امونڊي حدن ۽ ساحلي علائقن مان آلودگي جي ??اتمي لاءِ ڪوش??ون ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري ماهيگيري جي ??عبي ۾ بهتري اچي رهي آهي.
ان موقعي ت?? سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائيم جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن پر بدقسمتي سان سيڙپڪار ان شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه نه آهن.
وفاقي وزير سيد ع??ي حيدر زيدي چيو ته ڪيترائي شعبا بليو اڪانومي سان ڳنڍيل آهن، اسان ماهيگرن جي ??رقي لاءِ هڪ ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪيو آهي، انهن کي آسان قسطن ۾ قرض فراهم ڪرڻ گهرجي.