اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪس??ان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن، پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ٻي?? جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزيراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، افغانس??ان هن وقت تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانس??ان هڪ تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي، اسان جي دعا آهي ته اهو 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پوي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻي?? رستو اختيار ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جنهن مقصد لاءِ آمريڪا افغانس??ان آيو هو اهو عالمي دهشتگردن جو خاتمو ٿو، وزيراعظم چيو ته افغانس??ان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ ام??ان آهي ته افغانس??ان ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي سگهي ٿو، اسان اها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانس??ان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ??ري سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانس??ان جي اها تاريخ رهي آهي ته ان کي ڪڏهن به ٻاهران ڪنٽرول نٿو ??ري سگهجي ۽ نه ئي هتي عوام جي مرضي جي خلاف ڪا ڪٺ پتلي حڪومت عوام قبول ڪندي آهي، ان لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران کيس مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته اهو سوچڻ غلطي آهي ته ٻاهران ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏئي سگهي ٿو، افغان عورتون طاقتور آهن ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪس??ان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ پاڪس??ان 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، انهن ۾ حقاني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪس??ان ۾ افغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حقاني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم نه هو ته اهو ڇا آهي، حقاني افغانس??ان جو پشتون قبيلو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي ڪل بجيت 50 ارب ڊالر آهي جيڪا 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿي، پاڪس??ان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شموليت تي پاڪس??ان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پ??و، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪس??ان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پ??و، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، وزيراعظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ تي پاڪس??ان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 عسڪريت پسند گروه حملا ??ري رهيا هئا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪس??ان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا هجن. وزيراعظم پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته ٻي?? جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزويراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.
اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج