اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد کي موثر ??ڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين ??اشد، خيبرپختونخواهه جي صحت/ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بين ??ينيئر آفيسرن شرڪت ??ئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪروڙ صحت ڪارڊ ورهائڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان شروع ڪري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان سهولت جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي کي موثر ??ور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين ??حت جون معياري سهولتون نه رڳو ا??ان جي ذميواري آهي پر ا??ان جي ترجيحن جو به واضح مظهر آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ قدم جي ڪري جتي معاشري جي ڪمزور طبقن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون اتي اسپتالن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صحت وارن وزيرن کي هدايت ڪئي ته مختلف اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ ت??ليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صحت ڪارڊ جي ذريعي معياري سروس کي يقيني بڻائڻ جي حوالي ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪري سگهجي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد کي موثر ??ڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ??ئي.
صحت ڪارڊ جي فراهمي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania