اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري وٺن، ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي رپورٽ ۾ ڪنهن کي رياست مخالف ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بدقسمتي سان پاڪس??ان جي اندر سياسي پارٽين کي پنهنجي پوليٽڪل ونگز ناهن هونديون جيڪي مختلف اشوز جو مطالعو ڪري پنهنجي ليڊرشپ کي اصل معاملو سمجه??ئي سگهن، رانا ثناءُ الله، خرم دستگير شاهد خاقان عباسي جهڙا ٽيڪنالاجي کان اڻڄاڻ ماڻهن جي تبصري مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته انهن وٽ ايتري معلومات ناهي، پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس کل جوڳي هئي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽل ميڊيا ونگ پنهنجي رپورٽ ۾ سوشل ميڊيا تي شروع ڪيل 150 ٽرينڊز جو ڊيٽا فراهم ڪيو آهي، ان ٽرينڊز تي 37 لک ٽوئيٽس ڪيون ويون ۽ سوشل ميڊيا بيانيو جوڙيو ويو، ان بياني ۾ هندس??ان ۽ افغانس??ان سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي ماڻهن حصو ورتو. هن چيو ته هندس??ان بوٽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري پاڪس??ان جي خلاف ٽوئيٽس ڪيا. چوڌري فواد حسين چيو ته ان رپورٽ ۾ پاڪس??ان جي اندر رهندڙ ماڻهن جي باري ۾ ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته هن وقت سينڪشن پاڪس??ان جو ٽرينڊ هلي رهيو آهي، هاڻي ان ٽرينڊ ۾ حصو وٺي ڪو ان جي مخالفت ڪري ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو رياست مخالف سرگرمي آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي ايم جي ميڊيا ونگ رياست مخالف سرگرمي جي طور تي رياست مخالف ٽرينڊز ۾ حصو ورتو، ان باري ۾ ڊيٽا رپورٽ شامل آهي، پاڪس??ان جي عوام ان جو تجزيو ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته اصل معاملو اهو آهي ته پاڪس??ان جي خلاف ٽوئيٽس ڪٿان کان ٿي رهيا آهن، هن چيو ته پي ايم ايل اين جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري وٺن جيڪي ان طرح جي رپورٽس جو تجزيو ڪري کين ٻڌ??ئي سگهن ته رپورٽ اصل ۾ آهي ڇا، هن چيو ته جنهن کي ڊجيٽل ميڊيا جي سمجهه ناهي، اهي اسان جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ سان رابطو ڪري سگهن ٿا، انهن جي رهنم??ئي لاءِ هڪ سيل جوڙيو ويو آهي جتي انهن کي سمجهايو ويندو ته ڊجيٽل ميڊيا ڇا آهي.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن