نوشهره – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور ماڻهو، قانون جي هيٺ نٿا اچڻ چاهين، پي ڊي ايم جهڙو اتحاد ٺاهي وٺندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اهي چوري ڪن، ڌاڙا هڻن ۽ مني لانڊرنگ ڪن پوءِ به ڪير انهن کي نه پڪڙي، سڀني شعبن ۾ ما??يا ويٺل آهي، شوگر ما??يا مهانگي کنڊ وڪرو ڪندي آهي ۽ ٽيڪس ناهي ڏيندي، ڪمزور ۽ طاقتور جي لاءِ قانون هڪ هجڻ گهرجي، موجوده حڪومت سستي گهرن جو خواب پڄاڻي تائين پهچايو، بئڪن کي غريب ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت نه آهي، قرض کي جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، جيڪو معاشرو پنهنجي ڪمزور ۽ غريب طبقي جو خيال ناهي رکندو اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، پناهگاهن جو سلسل?? سڄي ملڪ ۾ پکيڙينداسين، آبادي وڌڻ ۽ شهرن جي پکيڙ سان فوڊ ??يڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيندا، نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي سان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ميسر ايندو. وفاقي حڪومت هر گهر تي 3 لک سبسڊي فراهم ڪندي، هن اهڙن خيالن جو اظهار نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت جلوزئي هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
طاقتور ماڻهو، قانون جي هيٺ نٿا اچڻ چاهين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش