اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪر??ٽر?? ڪنول شوزب چيو ??هي ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خان دنيا کي ڪشمير مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي جي حوالي سان صحيح رخ طرف گامزن ??هي ۽ مون کي پورو يقين ??هي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمز تي موثر انداز سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مسئلو سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪر??ٽر?? چيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران دنيا کي ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، انساني حقن جو?? تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم عمران خان دنيا کي ڪشمير مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي: ڪنول شوزب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا