اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته ه?? نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري شيءَ آهي، ڪڏهن ناهي چي?? ته لازمي آهيان پر جيستائين پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي اسان بيٺل رهنداسين ڪير اسان جو ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پاڪستان جي ليڊرشپ پهچايو آهي، دشمن به نه ٿو پ??چائي سگهي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت اسان کي ڪو شڪ نه آهي ته اهو ڀارت ڪيو آهي، اسان جون ايجنسيون هائي الرٽ آهن، انهي جي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ چي?? ته سڀني هڪ جذبي سان بجيٽ جي منظوري ۾ حصو ورتو آهي. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ٽي وي شوز ۾ ائين پيش ڪيو پئي وي?? ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم چي?? ته هو عورت ميمبرن جو به ٿورائتو آهي جيڪي ايوان جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عورت ميمبرن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو آهي، آئون اقليتي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چي?? ته هو پ??هنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪستان جي انهن هيروز جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ وارن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي محافظن افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آهي، اسان کي اهو ٻڌي افس??س ٿي?? ته حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پ??ڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج