اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گوادر ۾ ريفائنري قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار طرفان ڪيل غير قانوني ڀرتين تي مختلف ادارن جي سربراهن کي برطرف ڪرڻ ۽ چئني صوبن ۾ 2467 سرڪاري ملڪيتن کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم هائوس ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪرڻ جي لاءِ چارٽرڊ به ڪابينا جي سامهون پيش ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي، نيلم جهلم هائيڊرو پ??اج??ڪٽ، نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ اسٽيل مل جي منصوبن جو فرانزنڪ آڊٽ ڪرايو ويندو، ترڪي اسلام آباد ۾ هاسپيٽلٽي ڪاليج قائم ڪندو، اهو پاڪس??ان جي عوام لاءِ ترڪي طرفان تحفو آهي، وزيراعظم عمران خان جلد هڪ وڏي هائوسنگ منصوبي جو اعلان ڪندو، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پيٽروليم، قدرتي وسيلن جو وفاقي وزير سرور خان سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اسحاق ڊار طرفان ڀرتي ڪيل نيشنل بئنڪ آف پاڪس??ان جي ??يئرمين سعيد احمد، فرسٽ وومين بئنڪ جي طاهره رضا، زرعي ترقياتي بئنڪ جي سعيد طلعت حسين، ايس ايم اي بئنڪ جي احسان الحق، ريگوليٽري اٿارٽيز ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ??پٽي گورنر جميل احمد، اسٽيٽ بئنڪ جي ??پٽي گورنر شمس الرحمان، خواجه خليل، ڪانمپيٽيشن ڪائونسل آف پاڪس??ان ۾ محمد سليم، شهزاد عنصر کي عهدن ??ان برطرف ڪري ڇڏيو آهي اهي سڀ مقرريون غير قانوني هيون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، چوڌري فواد حسين جي ميڊيا کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر