??سل??م آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت دنيا ?? پاڪستان جي مثبت تشخص کي فروغ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي دنيا پاڪستان جو موقف مڃيو آهي. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اينڊ ريسر?? انيلائسز (اسرا) جي اهتمام ??يٺ 21 هين صدي ۾ تاثر کي منهن ڏيڻ جي عنوان تي ميڊيا ورڪ??اپ کي خطاب ڪري رهي هئي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو صدر ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اينڊ ريسر?? انيلائسز (اسرا) جو ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل غلام ??مر موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ