گڏيل قومون 31 ڊسمبر (اي پي پي ) جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن ( ڊبليو ايم او) سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو آهي جنهن ??وران زمين جي سراسري گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو ريڪارڊ ٿيو آهي. ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل سيلسٽي سائولو چيو ته اداري پاران 2024ع دوران آبهوا جي صورتحال جي باري ۾ بار بار ريڊ الرٽ جاري ڪ??ا ويا آهن. هن چيو ته هن ??ال اسان ??هڻن ملڪن ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي ??اقعن ۽ جانين جو خوفناڪ نقصان ??ٺو آهي. سال 2024ع دوران سامونڊي طوفان خوفناڪ جاني ۽ معاشي نقصان جو سبب بڻيو. سال 2024 ع دوران دنيا جي ڪ??ترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن گرمي کي برداشت ڪيو. ان سان ??ڏو گڏ ٻيلن ۾ لڳل باهه به وڏي پيماني تي تباهي آندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان حوالي سان نئين سال جي ??يغام ۾ چيو ته اڄ مان باضابطه طور تي اطلاع ڪري سگهان ٿو ته اسان به هڪ اهڙي ڏهاڪي کي مڪمل ڪيو آهي جنهن ??وران ماڻهن ??ديد ترين گرمي کي برداشت ڪيو اهو ڏهه سال ريڪارد تي گرم ترين سال رهيو. هن چيو ته اها صورتحال آبهوا ۾ تبديلين جو نتيجو آهي اسان ??ي انهن ??بديلين جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن . ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد ۾ اضافي بابت رپورٽ ۾ آبهوا جي تبديلين جي ??تيجي ۾ 2024 ع دوران خطرناڪ گرمي جي ??دي ۾ 41 ڏينهن ??و اضافو ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ انساني صحت ۽ ماحولياتي نظام کي نقصان پهتو. آبهوا جي تبديلين 29 شديد موسمي حالتن مان 26 جي شدت ۾ اضافو ڪيو جن ۾ 3700 ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا.
ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن پاران سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo