بيروت-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته اسرائيل جا لبنان تي حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھن، انهن حملن ۽ بمباري سبب آبادين ک?? نشاڻو بڻايو پيو وڃي. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي پناھگرين واري شعبي جي سربراه فليپو گرينڊي بيروت ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسرائيل طرفان لبنان تي حملن ۽ بم ڌماڪن سبب شهري آبادي کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي، اھا سراسر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، حملن جي نتيجي ۾ شھري شھيد ۽ علائقي جو انفراسٽرڪچر (بنيادي ڍانچو) تباهه ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته سموريون ڌريون غزه ۽ لبنان ۾ ان تباھي کي روڪين، هڪ اندازي مطابق لبنان ۾ اسرائيلي بمباري سبب ھيستائين 12 لک شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غز?? ۾ ??سرائيلي جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي والاريل فلسطيني علائ??ن ۾ امن جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو آهي ته 7 آڪٽوبر غز?? ۾ ??سرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي خوفناڪ واقعن تي قدرتي طور تي ڌيان ڏيڻ جو ڏينهن آهي. هن سمورن متاث??ن ۽ سندن پيارن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سربراهه لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۽ بمباري تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن سبب هڪ هزار ک??ن وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 10 لک ک??ن وڌيڪ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته گذريل سال غز?? ۾ ??سرائيل جي خوفناڪ حملن کانپوءِ شروع ٿيل جنگ انساني زندگين ک?? تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عزه ۾ فلسطينين ۽ هاڻي لبنان جي ماڻهن ک?? شديد انساني ڏکيائين ک?? منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته غز?? ۾ ??سرائيلي جارحيت دوران 41825 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن. جنگ دوران 17 لک ک??ن وڌيڪ ماڻهو مقامي طور تي بي گهر ٿي چڪا آهن.
لبنان تي اسرائيل جي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis