گڏيل قومون _ 31 مئي (اي پي پي ) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندي مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن خاص طورتي ??لسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ ۽ بيت المقدس جي تحفظ لاءِ او آئي سي جي ڪوششن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي . گڏيل قومن جي 193 رکني جنرل اسيمبلي روايتي طورتي ڪنهن به ان عالمي اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سيٽ جو اهتمام ڪندي آ??ي ، جيڪو پنهنجي موت جي وقت ر??اس?? جي سربراهه جي عهدي تي ??قرر هوندو آهي . جنرل اسيمبلي جي ان سيٽ تي ??اڪستان جي سفير منير اڪرام چيو ته مرحوم صدر جي قيادت ، دانشمندي ۽ اتفاق رائي جي س??اس?? جي بدولت ، او آئي سي جي ٻين اڳواڻن جي مسلسل حمايت سان تنظيم عالمي امن ، سلامتي ، خوشحالي کي هٿي ڏيڻ سان مربوط ۽ موثر قوت بڻجي وئي آ??ي . جنرل اسيمبلي ۾ مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ بعد سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو پر آمريڪا مرحوم صدر رئيسي تي انساني حقن جي خلاف ورزي جو الزام لڳائيندي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪيو .
پاڪستان طرفان گڏيل قومن ۾ فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي مرحوم ايراني صدر کي خراج عقيدت ، آمريڪا جو تقريب ۾ بائيڪاٽ
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری