ٽوڪيو – 19 اپريل (اي پي پي) جاپان جي ڪمپني ٽويوٽا موٽرز ڊرائيونگ دوران پويان دروازا کلڻ جي ??طري کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا مان اٽڪل 2 لک 11 هزار پريئس گاڏيون مرمت لاءِ واپس گهرائي ورتيون. اين ايچ ڪي مطابق جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت ناڪافي واٽر پروفنگ سبب پاڻي اندر داخل ٿي پوين آٽوميٽڪ دروازن ۾ شارٽ سرڪٽ جو سبب بڻجي ??گهي ٿو. وزارت چيو ته جيڪڏهن ڊرائيونگ دوران دروازا لاڪ نه ڪيا ويا هجن ته بدترين صورتح??ل ۾ کلي سگهن ٿا، هن وقت تا??ين اهڙا ٽي واقعا سامهون آيا آهن جڏهن پريئس جا دروازا گهٽ رفتار سان سفر ڪندي کلي ويا هئا پر ڪنهن حادثي جو اطلاع ناهي مليو. هن چيو ته ڪمپني ان ماڊل جي پيداوار ان وقت تا??ين روڪي ڇڏي آهي جيستائين ڄاڻايل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرزا ح??صل نٿا ڪيا ويا وڃن.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria