بيجنگ-22 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چ??ن شام سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. چيني خابرو اداري موجب صدر شي جن پنگ چيو آهي ته هو هانگ چوايشين گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ صدر بشار الاسد جي آمد جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته موجوده ايشين گيمز ۾ شامي رانديگر بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندا. هن چيو ته شام چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ واري په??ين عرب ملڪن مان هڪ آهي ۽ اڄ اسان گڏيل طور تي چ??ن شام اسٽريٽجڪ حصيداري جي قيام جو اعلان ڪنداسين. صدر شي چيو ته چ??ن شام سان گڏجي گڏيل حمايت ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي انصاف جي گڏيل تحفظ لاءِ ڪم جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک